ڀَونر ڪَلي

ڀَونر ڪَلي: ٻارن جي ڦرڻ لاءِ ڦرڻي پينگھه ، ھڪ ڪاٺي زمين ۾ کوڙي ، ٻي ان جي مٿان سل ڪري ان ۾ وجھندا آھن . پوءِ ڦرڻ واري ڪاٺيءَ کي ٻنھي پاسن توڙي ٻڌي لوڏ ٺاھيندا آھن ، انھيءَ لوڏ ۾ ٻنھي پاسي ھڪ هڪ ٻه ٻار چڙھي ويھندا آھن ۽ ٻيا ٻار انھن کي چيڪلي وانگر ڦيرائيندا آھن .
ان کانسواءِ بلبل جي چيلهه ۾ ٻڌل ڏور ، جنھن ۾ گول ڇلو ھوندو آھي ، جيڪو بلبل جي ڦرڻ سان گڏ پيو ڦرندو آھي . ڪڪڙ جي پير ۾ ٻڌل لوھي گول ڦرڻو ڇلو ، ٻڪريءَ ، ڪُتي ۽ گھوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ لاءِ پٽي يا ڳِراھيءَ کي به ” ڀونر ڪلي “ چوندا آھن .
سٽ ڪتڻ لاءِ ھڪ سڌي ڪوڪي تي گھمندڙ اوزار کي به ” ٽڪ-ٽڪلي “ يا ” ڀونر ڪلي “ سڏبو آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو